رگ ويد ۽ سنڌو درياهه شاه

رگ ويد ۽ سنڌو درياهه شاه

رگ ويد ۽ سنڌو درياهه شاه

رگ ويد ۽ سنڌو درياهه شاه (ڪتاب): ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ قائم ڪيل اداري ’نئشنل ڪائونسل فار دي پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPCL)‘ برصغير جي ورهاڱي جي سٺ سالن پوري ٿيڻ واري موقعي تي ’رگ ويد ۽ سنڌو درياهه شاه‘ ڪتاب، 2008ع ۾ ڇپائي، سنڌي قوم کي هڪ انمول تحفي طور پيش ڪيو آهي. هي ڪتاب مٿئين اداري جي چيئرمئن ارجن سنگهه ۽ وائيس چيئرمئن رام امرلعل پنجواڻيءَ، ڀارت سرڪار جي ايڇ. آر. ڊي وزارت، ڊپارٽمينٽ آف هاير ايجوڪيشن، نئين دهليءَ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي ديباچي ۾ ’سپت سنڌو‘ عنوان سان سنڌو درياهه جي عظمت بيان ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب ۾ اهي نوَ (9) شلوڪ ڏنا ويا آهن، جيڪي دنيا جي قديم ۽ سنڌوءَ جي ڪنارن تي لکيل ڪتاب ’رگ ويد‘ ۾ شامل آهن. هي نوَ شلوڪ رگ ويد جي ڏهين منڊل ۾ سنڌو نديءَ جي تعريف ۾ چيل آهن، جن ۾، سنڌو نديءَ کي هڪ ديويءَ جو روپ ڏنو ويو آهي. سنڌو نديءَ سبب ئي سنڌ جي هر ماڻهوءَ کي نه صرف دولت، ۽ بي انتها خوشيون، پر ان سان گڏوگڏ کين زندگيءَ جي هر آرائش مهيا ڪري ڏني وئي آهي. هن ڪتاب ۾ نوَن ئي شلوڪن کي اصل سنسڪرت سان گڏ انگريزي ۽ سنڌي ترجمي سان ڏنو ويو آهي.
هي ڪتاب ڊبل ڪرائون سائيز جي 76 صفحن (آرٽ پيپر) تي مشتمل آهي ۽ ان جي ڪا به قيمت رکيل نه آهي. سنڌي ڪمپوزنگ سريش چندر سارسوت ڪئي آهي. فوٽو آفسيٽ پرنٽرس، بارادري، بلي ماران، دهليءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو